اسلام آباد -14 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت اپوسٽيل اٽيسٽيشن لاءِ ??رخواستون ڏيندڙن جي سهولت لاءِ ??سلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ پنهنجي لائز ان آفيس ۾ ڪوريئر ڪمپنين ذريعي ملندڙ دستاويزن جي تصديق جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته درخواستون ڏيندڙ اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ ڪوريئر ڪمپنين جي اپوسٽيل ڪليڪشن پوائنٽس جي تفصيلن جي آگاهي حاصل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿا. واضح رهي ته ڪوريئر ڪمپنين وٽ پاور آف اٽارني کان علاوه سمورن دستاويزن کي ??بو?? ڪرڻ جو اختيار آهي.