دوشنبي – 02 – ج??لا??ي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته وزيراعظم تاجڪ صدر کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۽ پاڪستان ۽ تاجڪستان جي عوام ??ي وچ ۾ سماجي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني آهي. تاجڪستان جي ??ن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ تاجڪ صدر عزت امام علي رحمان ??ي وچ ۾ ملاقات ٿي. تاجڪ صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ??يو. تاجڪ صدر پاڪستان ۽ تاجڪستان جي ??راڻي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، معدنيات، صنعت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي ??امحدود صلاحيت موجود آهي. هن تاجڪ صدر کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۽ پاڪستاني ۽ تاجڪ عوام ??ي وچ ۾ سماجي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني.