اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته آمريڪي ايوان نمائندگان پاران منظور ڪيل قرارداد 901 ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت ادراڪ جي کوٽ جي عڪاس آهي. اڱاري تي آمريڪي ايوان نمائندگان پاران قرارداد جي ??نظوري جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ان قرارداد جو نوٽيس ورتو آهي. هن ريمارڪس ڏنا ته اسان سمجهون ٿا ته ان مخصوص قرارداد جو وقت ۽ حقيقت اسان جي ??طرفن لاڳاپن جي ??ثبت رخن سان هم آهنگ نه آهي ۽ اها پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ چونڊ عمل بابت اڻمڪمل تفهيم کي ظاهر ڪري ٿي. ترجمان چيو ته پاڪستان دنيا جي ??ي سڀ کان وڏي پارلياماني جمهوريت ۽ مجموعي طور تي پنجين وڏي جمهوريت جي طور تي پنهنجي ??ومي مفاد موجب آئيني نظا??، انساني حقن ۽ ق??ن??ن جي حڪمراني جي ????رن جو پابند آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل احترام ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل تعميري ڳالهه ٻولهه ۽ رابطن تي يقين رکي ٿو. ان لاءِ اهڙيون قراردادون نه ته تعميري آهن ۽ نه ئي معروضي هونديون آهن. اسان کي اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس پاڪستان ۽ آمريڪا جي ??اڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ معاون ڪردار ادا ڪندي ۽ ٻنهي عوام ۽ ملڪن جي ??فاد ۾ گڏيل تعا??ن جي طريقن تي ڌيان ڏيندي.