اسلام آباد ??? 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت ک?? استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا، بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ريشنلائيزيشن جي لاءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ صنعتي شعبي کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ڪالهه جمعي ??ين??ن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيند?? وزيراعظم چيو ته صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل ڳوليو وڃي. وزيراعظم برآمدي شعبي جي صنعتن جي لاءِ ٽيرف ريشنلائيزيسن جي حوالي سان حڪمت عملي فوري طور تي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته برآمدي شعبي جي صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت ک?? استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ريشنلائيزيشن جي لاءِ صنعتن سان مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي صنعتن ۽ گهريلو صارفين کي فراهم ڪئي ويندڙ بجلي جي اگهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاق?? وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاق?? وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاق?? وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاق?? وزير راڻا تنوير حسين، پاور واري وفاق?? وزير اويس اح??د خان لغاري، پيٽروليم واري وفاق?? وزير مصدق ملڪ، مملڪت?? وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.