اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته ملڪ کي معيشت سميت مختلف چئلينجز درپيش آهن، اميد ڪريون ٿا ته سياسي پارٽيون انهن مسئلن جو ادراڪ ڪندي انهن چئلينجز جي حل کي پنهنجي منشور جو حصو بڻائينديون، پريس ا??فا??ميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جون مثبت تجويزون ڳولڻ جي لاء?? هڪ بحث جي شروعات ڪئي آهي جيڪو خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”پاڪستاني راءِ ڏيندڙن جو بدلجندڙ منظرنامو ۽ منصفاڻي نمائندگي ۾ سياسي پارٽين جو ڪردار“ جي عنو??ن سان پريس ا??فا??ميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ سيمينارز جي تسلسل جي چوٿين سيمينار کي افتتاحي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته عام چونڊن جي حوالي سان ڌرين کي سيمينارز جي ذريعي پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ جو موقعو ف??اه?? ڪرڻ تي پريس ا??فا??ميشن ڊپارٽمينٽ جون ڪوششون سا??اه?? جوڳيون آهن، انهن سيمينارز جو بنيادي مقصد نه رڳو آگاهي ف??اه?? ڪرڻ آهي پر ماڻهن کي اعتماد سان ڳالهه ڪرڻ جي لاء?? هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته انهن سيمينارز جو بنيادي مقصد نه رڳو عوام کي آگاهي ف??اه?? ڪرڻ آهي پر سياسي پارٽين ۽ ميڊيا سميت سمورين ڌرين کي اعتماد سان ڳالهه ڪرڻ جي لاء?? هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ پڻ آهي. هن معاشي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۾ ميڊيا جي شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميڊيا ملڪي سياسي منظرنامي تي گهري نظر رکي ٿي، ميڊيا کي به گهرجي ته اها ملڪ کي درپيش چئلينجن مان ڪڍڻ جي لاءِ هن فورم جي ذريعي پنهنجي قابل عمل تجويزون پيش ڪري ته جيئن سياسي پارٽيون عوام کي اهڙي حڪمت عملي ڏئي سگهن جيڪا ملڪ کي مسئلن جي ڌُٻڻ مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي. هن چئلينجز تي ضابطو آڻي ملڪي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جا طريقا ڳولڻ جي لاء?? هڪ مباحثي جي مقصدن تي روشني وڌي ۽ چيو ته چئلينجز جي باوجود پي آءِ ڊي ملڪي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي مقصد س??ن سيمينارز جو انعقاد ڪيو آهي جنهن تي پي آءِ ڊي ۽ سندس ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. واضح رهي ته پريس ا??فا??ميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ منعقد سيمينارز ۾ مختلف سياسي پارٽيون شرڪت ڪري رهيون آهن ۽ ميڊيا جا نمائندا ۽ تعليمي ماهر به مباحثن ۾ شرڪت ڪري پنهنجون تجويزون پيش ڪري رهيا آهن.