اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي ترقي، حقن ۽ انهن جي مالي شموليت جي ل??ءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ انهن کي ڪاروبار ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن (ايس اي?? ايز) کي فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي??ان صدر ۾ اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اي??ڊ سمال انڊسٽريز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، چيمبرز جي عهديدارن سميت واپارين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي قانون جي پاسداري ۽ اخلاقيات جو خاص خيال رکن. هن چي?? ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي ترقي ڏئي ملڪي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، ملڪ جي 70 سيڪڙو معيشت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار سان واڳيل آهي، ايس اي?? ايز جي ترقي سان ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿيندو ۽ ان سان ملڪي معيشت بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر چي?? ته اسان وٽ باصلاحيت افرادي قوت موجود آهي، پاڪستان کي پنهنجي نوجوان آبادي مان فائدو کڻندي انهن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ گهرجي. هن چي?? ته 2 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جن کي تعليم جي زيور سان ليس ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان جي معيشت جي بهتري جي ل??ءِ عورتن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪي معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ عورتن جو نمايان ڪردار هجڻ گهرجي. هن چي?? ته عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ سان پاڪستان اقتصادي ترقي جون منزلون طئي ڪندو. صدر چي?? ته پاڪستان آبادي جي ل??اظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو اي??دڙ سالن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي حوالي سان پاڪستان بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي، اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن موجب عورتن کي انهن جو جائز مقام ڏيڻ گهرجي، عورتن کي معاشڊي طور تي مستحڪم بڻائڻ جي ل??ءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته عورتن جي واپار سميت زندگي جي هر شعبي ۾ شموليت ملڪي ترقي جي ل??ءِ لازمي آهي. صدر چي?? ته عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ قدم ضروري آهن، ڪاروبار ۾ عورتن جي شموليت سان انهن کي روزگار ڪمائڻ ۾ پڻ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چي?? ته معاشري جي ل??ءِ اهو ضروري آهي ته اهو عورتن جي ل??ءِ موقعا پيدا ڪري، انهن جي ل??ءِ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪري ۽ انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائي. صدر چي?? ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران عورتن کي ڪاروباري قرضن جي آڇ ڪئي وئي جڏهن ته 5 سيڪڙو کان گهٽ عورتن ان مان فائدو کنيو. تقريب کي اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اي??ڊ سمال انڊسٽري جي صدر سجاد سرور ۽ ٻين عهديدارن پڻ خطاب ڪيو. مقررين پنهنجي خطاب ۾ چي?? ته واپاري برادري ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اي??ڊ سمال انڊسٽري جي صدر سجاد سرور چي?? ته چيمبر ملڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ل??ءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جڏهن ته گهريلو دستڪاري جي تياري ۽ فروغ جي ل??ءِ عورتن کي پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي. سمال ٽريڊرز اي??ڊ سمال انڊسٽري جي نائب صدر سيده وجيده سليم پنهنجي خطاب ۾ چي?? ته ملڪي معيشت جي ترقي جي ل??ءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت جو اهم ڪردار آهي جن جي ل??ءِ ڏورس پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اي??ڊ سمال انڊسٽري جي گروپ چيئرمين قاضي محمد الياس ان موقعي تي خطاب ڪندي چي?? ته واپاري ٽيڪس جي ادائيگي جي ??ري??ي ملڪي معيشت جي بهتري ل??ءِ پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ صدر واپار جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ مختلف ڪاروباري شخصيتن ۾ شيلڊز ورهايون.