ڪويت – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪو??ت خوراڪ جي تحفظ، زراعت، پن بجلي، معدنيات سميت مختلف شعبن ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪو??ت جي فرسٽ ڊپٽي وزيراعظم ۽ گهرو وزير شيخ طلال ال??الد ال??حمد ال??باح سان ملاقات ڪئي. ملاقات دورا?? آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪري وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 7 معاهدن ۽ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. رياست ڪو??ت پاران پاڪستان جي مختلف شعبن بشمول فوڊ سيڪيورٽي، زراعت، پن بجلي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي سرگرمين ۾ تعاون جي لاءِ کاڻين جي کوٽا فنڊ قائم ڪرڻ، ٽيڪنالاجي زونز ڊيولپمينٽ ۽ مينگروو جي تحفظ سميت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي 7 معاهدن ۽ ثقافت ۽ آرٽ، ماحوليات ۽ پائيدار ترقي جي سعبن ۾ تعاون جي لاءِ 3 مفاهمت جي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي رفتار تي انتهائي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ پاڪستان ۽ ڪو??ت لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي لاءِ تيز رفتار قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم ڪو??ت سان انهن معاهدن کي انهن ڪاميابين ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل قرار ڏنو جي??ي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي پليٽ فارم تان ملڪ جي لاءِ سامهون اچي رهيون آهن. نگران وزيراعظم ڪو??ت جي امير شيخ نواف ال??حمد ال??ابر ال??باح جي صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.