اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جنگي اخلاقيات تي دنيا پاران ٻٽي معيارن ۽ غزه ۾ ٻارن جي قتل جي عجيب ۽ غريب ۽ غيرحقيقي جواز کي رد ڪندي چيو آهي ته فلسطين ۾ ??سر??ئيلي ڏاڍ جو مثال قرون وسطيٰ جي دور ۾ پڻ نٿو ملي. هو اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ سالياني مارگلا ڊائيلاگ کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو موضوع ”اڀرندڙ عالمي ماحول: اسان جي مستقبل جي لاءِ رخ جو تعين“ هو. نگران وزيراعظم چي?? ته ??سر??ئيلي فوج اسپتالن ۾ مريضن ۽ ڪمزورن کي نشانو بڻا??ي رهي آهي، ٻارن جو قتل ڪري رهي آهي، ??سر??ئيلي ٻارن جي موت جو حوالو ڏيندي ??سر??ئيلي قدمن ۽ دفاع ڪندڙ ڪجهه سفارتڪارن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي هن ان دليل تي پنهنجي حيرت جو اظهار ڪندي چي?? ته ??سر??ئيلي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن فلسطيني ٻارن کي قتل ڪرڻو پوندو؟ هن چي?? ته هيستائين 4700 ٻارن کي قتل ڪيو ويو آهي، هو پنهنجي تسڪين جي لاءِ وڌيڪ ڪيترن فلسطيني ٻارن کي قتل ڪندا. هن چي?? ته حضرت موسيٰ جا پيروڪار هجڻ جي دعويدارن پاران فرعون جي نقش قدم تي هلندي معصوم ٻارن جو قتل عام ناقابل قبول آهي. هن واضح ڪي?? ته ڪنهن به ٻار جو قتل مذمت جوڳو آهي. نگران وزيراعظم جيڪو آءِ پي آر آءِ جي بورڊ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي، هن ڀارت سميت خطي جي ملڪن سان رابطن جي امڪانن تي روشني وجهندي چي?? ته پاڪستان ڀارت سان واپاري رابطا قائم ڪرڻ کان ڪڏهن به پٺتي ناهي هٽيو جڏهن ته گڏيل فائدن جي لاءِ ٿيندڙ واپار خيرات نه هجڻ گهرجي. جڏهن ته هن چي?? ته اهڙي طرح جي رابطن کان اڳ، ڪشمير تڪرار تي ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ڇ?? ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ موجوده ڀارتي حڪومت سان معمول جا لاڳاپا رکڻ هڪ چئلينج آهي. هن چي?? ته ڪشمير مسئلي جو ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڌيان جو گهرجائو آهي ڇ?? ته واعدن ۽ گڏيل قومن جي ضمانتن جي باوجود ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق نه ملي سگهيو، ان مسئلي کي التوا ۾ رکڻ ڪو حل نه آهي. ڀارتي سماج کي متاثر ڪندڙ هندوتوا نظريي جو حوالو ڏيندي هن چي?? ته اهڙيون پاليسيون تباهي جو نسخو آهن. هن چي?? ته ڀارت ۾ جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقليتن جون پاڙون گهريون ۽ اهي ٻين قوميتن وانگر پاڪستاني آهن. نگران وزيراعظم چي?? ته پاڪستان کي نان اسٽيٽ ايڪٽرز جو چئلينج درپيش آهي پر ملڪ ڪنهن جي مدد کانسواءِ ان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چي?? ته چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت بڻجي اڀريو آهي. هن چي?? ته ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ڪڏهن به تڪرارن کي هوا ناهي ڏني. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? ته پاڪستان پنهنجي زميني ۽ معدني وسيلن جي صلاحيتن مان فائدو کڻندي پنهنجي معيشت کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ نوجوانن جي هڪ وڏي آبادي جي توانائين کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته انساني وسيلن ۽ فني مهارت جي حوالي سان پاڪستان ۾ گهٽ سيڙپڪاري ڪئي وئي. ماحولياتي تبديلين جو ذڪر ڪندي هن چي?? ته اهو هڪ جارحيت جي چئلينج کان به وڌيڪ هڪ وجودي خطرو بڻجندو پيو وڃي ڇ?? ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ڪجهه ننڍن تڪرارن کان به وڌيڪ تباهي ڪئي آهي، ان چئلينج تي ڪو هڪ ملڪ اڪيلي سر ضابطو نٿو آڻي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چي?? ته حڪومت قابل تجديد توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ منصوبا جوڙي رهي آهي جنهن جي لاءِ عالمي هم آهنگي ۽ تعاون جي پڻ ضرورت آهي ڇ?? ته پاڪستان ملڪي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي ڳالهه ٻولهه کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ آءِ پي آر آءِ جي صدر سفير رضا محمد ٻڌاي?? ته ڊائيلاگ ۾ ڇهه فورمز هئا. ان تقريب ۾ آءِ پي آر آءِ جي تازي اشاعت ”ڀارت ۾ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ“ پڻ جاري ڪئي جنهن ۾ ڀارتي اقليتن تي ڪيل ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو ويو جن کي اتي هڪ مشڪل وقت کي منهن ڏيڻو پيو. هن نگران وزيراعظم کي ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي پڻ پيش ڪئي.