اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن، سعودي عرب پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي، سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان جي افرادي قوت جي سعودي حڪومت پاران سارسنڀال مثالي آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميديا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ سان امام ڪعبه پروفيسر ڊاڪٽر شيخ صالح بن عبدالله بن حميد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزير انيق احمد، مدد علي سنڌي، نگران وزيراعظم ??و خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرفي، لاڳاپيل اعليٰ عملدار ۽ سعودي عرب جو پاڪستان ۾ سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ??زه ۾ جاري معصوم فلسطينين تي ظلم ۽ ٻارن جي قتل عام جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي. نگران وزيراعظم فلسطينين سان ڀرپور يڪ??هتي جي اظهار ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن، سعودي عرب پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي آهي. نگران وزيراعظم پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ سعودي تعاون تي ٿورا مڃيندي چيو ته سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان جي افرادي قوت جي سعودي حڪومت پاران سارسنڀال مثالي آهي. هن چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد سعودي عرب تازو ئي غزه جي صورتحال تي اسل??مي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان دنيا کي مسلمان امت پاران فلسطينين جي بنا مشروط حمايت جو واضح پيغام ڏنو. نگران وزيراعظم ??زه ۾ امدادي سامان پهچائڻ جي لاءِ فوري طور تي لنگهه قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. اسل??مي تعاون تنظيم جي پليٽ فارم تان خبر ايجنسي قائم ڪرڻ خوش آئنده آهي، اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ اسل??مي تاريخ ۽ ثقافت تي ڊاڪيومينٽريز سان نوجوان نسل کي اسان جي شاندار ماضي بابت تعليم ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته اسل??مي تعليم، تاريخ ۽ ثقافت تي ڊاڪيومينٽريز کي مختلف زبانن ۾ نشر ڪيو وڃي ته جيئن دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ماڻهن تائين اسلام جو صحيح پيغام پهچائڻ ۾ مدد ملي سگهي. امام ڪعبه پاڪستاني افرادي قوت جي سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو. امام ڪعبه پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن کي مثالي قرار ڏنو. هن نئين ن??ل جي اسل??مي قدرن موجب تربيت تي زور ڏنو. امام ڪعبه سندس دوري دوران پاڪستان پاران شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.