اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير ??رت??يٰ سولنگي چيو ??هي ته صحافت ۽ سياست جو اڻ ٽُٽ ساٿ آهي، جمهوريت ۾ اختلاف راءِ معمول جي ڳالهه آهي، آئون پاڻ صحافي برادري مان آهيان، سدائين اظهار راءِ جي آزادي جو حامي رهيو ??هيان ۽ اڃا به ان تي قائم آهيان. اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس جي پريس لائونج ۾ پي آر اي جي صدر عثما?? خان ۽ ٻين صحافين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي پي آءِ او طارق خان به موجود هو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ??ه س??ور?? صحافين سان سدائين عزت ۽ احترام جو رشتو رهيو ??هي. هن چيو ??ه ڪجهه وقتن تي سخت ڳالهيون به ٿي وينديون آهن پر اهو جمهوريت جو حصو آهي. اسان گذريل ڏينهن هڪ پريس ريليز به جاري ڪئي هئي، جيڪا نگران حڪومت جي ترجماني ڪري ٿي.