اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مر??ڪش سان واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مر??ڪش پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي سگهي ٿو، پاڪستان جو نا??زد سفير مر??ڪش ۾ پاڪستاني روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مر??ڪش ۾ پاڪستان جي نا??زد سفير محمد سميع الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته پاڪستان – مر??ڪش لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ مفادن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن کي ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي دورن جي مٽاسٽا وڌائڻ جي ضر??رت آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ جي لاءِ جوڙي وئي، مر??ڪش پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان کان اڳ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير/ مستقل نمائندي ڊاڪٽر بلال احمد پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. صدر نا??زد سفير کي چيو ته هو قومي مفادن ۽ ترجيحن جي تحفظ جي لاءِ گڏيل قومن سان پاڪستان جا مثبت لاڳاپا وڌائي، پاڪستاني عوامي صحت جي نظام جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ صحت جي عالمي اداري سان لاڳاپن تي ڌيا?? ڏي. صدر چيو ته ليبر جو معيار برقرار رکڻ جي لاءِ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن سان رابطا وڌائڻ جي ضر??رت آهي. صدر چيو ته اسلامو فوبيا، ڪشميرين ۽ فلسطيني عوام جي خراب حالت جهڙن مسئلن تي مسلمان امت جي ??وا?? کي پيش ڪرڻ جي ضر??رت آهي، نا??زد سفير ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪرڻ، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر نا??زد سفيرن جي مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.