لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آڪسفورڊ يونين ۾ شاگردن ۽ تعليمي ماهرن سان ڳ??له?? ٻولهه ڪئي، آڪسفورڊ يونين جيڪا بااثر اڳواڻن ۽ مفڪرن جي ??يزباني جي ??اءِ مشهور آهي، ان وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. آڪسفورڊ يونين جي صدر ديشا هيگڊي نگران وزيراعظم سان هڪ انٽر ايڪٽو سوال ۽ جواب جي سيشن کي موڊريٽ ڪيو جنهن ۾ اهم قومي، علائقائي ۽ عالمي مسلئن تي سندس ويزن بابت آگاهي ??را??م ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم سان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگردن سوال ڪيا جيڪي اڳواڻن ۽ اسڪالرز جي اڳئين نسل سان واڳيل هئا. ڳ??له?? ٻولهه دوران نگران وزيراعظم پاڪستان جي ??عيشت، سياست، سلا??تي ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن تي تفصيلي ڳ??له?? ٻولهه ڪئي. آڪسفورڊ يونين جي آفيس ۾ نگران وزيراعظم عالمي مباحثي ۽ قيادت جي جوڙجڪ ۾ اداري جي اهم ڪردار کي تسليم ڪن??ي مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون. ان کان نگران وزيراعظم آڪسفورڊ سينٽر فار اسلامڪ اسٽڊيز جو پڻ دورو ڪيو جتي سندس استقبال سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فرحان احمد نظامي ڪيو. هن نگران وزيراعظم کي مرڪز جو دورو ڪرايو ۽ کيس بين الثقافتي افهام ۽ تفهيم ۽ اسلامي تهذيب جي ??طالعي کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. اها تقريب فڪري مٽاسٽا ۽ مڪالمي جو هڪ اهم لمحو هو جنهن ۾ عالمي حصيداري ۽ فڪري ترقي کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ نگران وزيراعظم جي عزم کي اجاگر ڪيو ويو.