اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الح?? ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي مينڊيٽ اندر رهندي جلد کان جلد ع??ام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي. اهڙو اظهار هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ پاو?? ڊويزن بريفنگ ڏني، جنهن ۾ مختلف وفاقي وزيرن سم??ت سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ع??ام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ لاءِ توانائي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت کي گڏجي لائحه عمل جوڙڻ جي ذميواري ڏني آهي. هن چيو ته مختلف سرڪاري ملازمن کي مفت يونٽس جي معاملي تي به تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جي استعمال ۾ گهٽتائي لاءِ فوري قدم کنيا ويندا. هن چيو ته اڄ صوبن سان به مشاورت ڪئي ويندي.