ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب ملاقات ۾ وفد نگران وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي جي پراڻي مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم وفد کي يقين ڏياريو ته سمورن مسئلن کي جلد کان جدل حل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مر??ضيٰ سو??نگ?? پڻ موجود هو. وفد ۾ ڪراچي جو ميئر مر??ضيٰ وهاب، قائم علي شاهه، سيد مر??د علي شاهه ۽ سعيد غني شامل هئا.