اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فراڊ سبب متاثر صارفين کي 41 لک رپيا واپس ڏيڻ جي هدايت ڪندي بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف مسلم ڪمرشل بئنڪ جون 3 ۽ الائيڊ بئنڪ جي هڪ اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اپيلن کي رد ڪندي چيو ته بئنڪن آن لائين فنڊز ٽرانسفر جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي ضابطن جي تعميل ۾ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو ۽ صارفين جي رضامندي کانسو??ءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر سهو??ت کي فعال ڪيو. تفصيل موجب ٻن نجي بئنڪن جي 4 صارفين جي بئنڪ اڪائونٽس مان جعلسازن رقم ڪڍرائي وئي. صدر چيو ته بئنڪن فنڊز ٽرانسفر جي فائدن ۽ نقصانن بابت واضح ۽ سادي زبان ۾ صارفين کي نه ٻڌايو ۽ صارفين جي اجازت کانسو??ءِ فنڊز ٽرانسفر سهو??ت کولڻ سان صارفين کي نقصان کڻڻو پيو. هن چيو ته بئنڪون بدانتظامي جي مرتڪب ۽ صارفين جو نقصان پورو ڪرڻ جون ذميوار آهن. تفصيل موجب سميرا الله دته، افضال عباس ڪاظمي، فرح محمد خان ۽ ڊاڪٽر ڪنور شڪيل احمد (شڪايت ڪندڙ) کي ترتيبوار 15 لک، 9 لک 85 هزار، 9 لک 60 هزار ۽ 5 لک 98 هزار رپين جو نقصان ٿيو. ڊاڪٽر ڪنور کي هيلپ لائين تان شڪي نمبر تان ڪال موصول ٿي، ڪالر ذاتي بئنڪنگ معلومات طلب ڪئي. بئنڪنگ معلومات شيئر ڪرڻ کانپوءِ اڪائونٽ مان 598000 رپيا منتقل ڪيا ويا. ذاتي تفصيل شيئر نه ڪرڻ جي باوجود سميرا، افضل ۽ فرح جي بئنڪ اڪائونٽس مان وڏي رقم غائب ڪئي وئي. صارفين رقم واپسي جي ل??ءِ جدا جدا بئنڪن سان رجوع ڪيو پر ڪو فائدو نه ٿيو. بعد ۾ صارفين بئنڪنگ محتسب کي شڪايتون داخل ڪرايون جنهن بئنڪن کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بئنڪن بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف صدر کي درخواستون داخ ڪيون. صدر مشاهدي کانپوءِ چيو ته شڪايت ڪندڙن لاڳاپيل بئنڪن مان فنڊز ٽرانسفر سهو??ت کولڻ جي درخواست نه ڪئي ۽ اهو ته بئنڪن دوکيبازي جو خطرو گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ مناسب نظام ۽ ڪنٽرول نه لڳايو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جعلسازن بئنڪن جي ڪمزور نظام ۽ ڪنٽرول جو فائدو کنيو، جعلساز پاڻ کي بئنڪن سان رجسٽر ڪرائڻ ۽ تڪراري ??يت?? ليتي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. صدر چيو ته آن لائين ??يت?? ليتي ل??ءِ نئين اوزارن کي بئنڪن ۾ جعلي ??يت?? ليتي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي رجسٽر ڪيو ويو، بئنڪن فنڊز ٽرانسفر سهولت جي حوالي سان استيٽ بئنڪ جي قاعدن ۽ ضابطن جي تعميل نه ڪئي، صارفين کي آسان زبان ۾ لکت ۾ سهولت جي فائدن ۽ نقصانن کان آگاهه نه ڪيو ويو، بئنڪن جو موقف ته ??يت?? ليتي ۾ پاسورڊ استعمال ٿيا ۽ اهي صارفين جي رضامندي سان ٿيا، کل جوڳي آهي. صدر چيو ته پهريون مرحلو فنڊز ٽرانسفر سهو??ت کولڻ جي ل??ءِ صارف جي رضامندي حاصل ڪرڻ آهي، ٻيو مرحلو ??يت?? ليتي کان اڳ صارف جي سيڪيورٽي جي ل??ءِ تصديق ڪرڻ آهي، بئنڪون ٻن جدا جدا مرحلن کي هڪ ٻئي سا?? ڳنڍي رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اي ايف ٽي چينل کي رضامندي کانسو??ءِ نه ٿو کوليو وڃي ته صارفين مالي نقصان کان بچي سگهيا پئي، بئنڪون پنهنجي قانوني ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، بئنڪن بدانتظامي ڪئي. صدر بئنڪن جي اپيل رد ڪندي متاثر صارفين کي 41 لک رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.