اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير ب??اول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بغداد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب عراقي گادي واري شهر بغداد پهچڻ تي عراقي نائب پرڏيهي وزير سميت ٻين عراقي عملدارن، بغداد ۾ پاڪستان جي سفير احمد امجد علي ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير ب??اول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ??يو. ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير اڄ باضابطا ڳالهيون پڻ ڪندا. پرڏيهي وزير ب??اول ڀٽو زرداري کي دوري جي دعوت عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آهي. پرڏيهي وزير ب??اول ڀٽو زرداري دوري دوران عراقي قيادت سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پرڏيهي وزير ب??اول ڀٽو زرداري پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر ??ڻ رکندو. پرڏيهي وزي?? جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.