اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ??ئي آهي ته اسلام آباد ۾ ٺوس ڪچري (سالڊ ويسٽ) کي تلف ڪرڻ جو منصوبو فوري طور تي شروع ڪيو وڃي، ٺوس ڪچري کي تلف ڪرڻ جو ماڊل پنجاب ۾ موجود آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مجب وزيراعظم چيو ته اسان لاهور ۾ ٺوس ڪچري جي تلفي جي لاءِ عالمي معيار جو منصوبو ٺاهيو. هن هدايت ??ئي ته اسلام آباد ۾ به ٺوس سالڊ ويسٽ مئنيجمين?? منصوبي جي لاءِ انٽرنيشنل ٽينڊر جاري ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ??ئي ته گهرن مان ڪچرو گڏ ڪرڻ کان وٺي لينڊ فل سائيٽ تائين منتقلي جي سمورن مرحلن کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي ?? منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ ڪچري سان بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوباسازي ڪئي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪالهه سومر ڏينهن اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ ٺوس ڪچري جي تلفي جي منصوبي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ ٺوس ڪچري جي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ان جي لاءِ لينڊ فل سائيٽ جي چونڊ پڻ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ??ئي ته گهرن مان ڪچرو گڏ ڪري لينڊ فل سائيٽ تائين پهچائڻ جا سمورا مرحلا آئوٽ سورس ڪيا وڃن ته جيئن شهرين کي عالمي معيار جون بهترين خدمتون فراهم ڪيون وڃن ۽ حڪومت جو خرچ به گهٽ کان گهٽ ٿئي. اجلاس کي ان حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ??ئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن طارق فضل چوڌري، حنيف عباسي، انجم عقيل، ڪمشنر اسلام آباد، ڪمشنر راولپنڊي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.