اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ ??ي هدايت ??ندي ان جو دائرو سڄي ملڪ ۾ وفاقي سرڪاري عمارتن تائين وڌائڻ ??و حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي سان عوام جي کيسن تي گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته اسلام آباد ۾ 496، ملڪ جي وڏن شهرن جنهن ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ڪوئيٽا ۾ 340 ۽ ٻين علائقن ۾ 1255 سرڪاري عمارتن تي سولر پينلز لڳايا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته اسلام آباد ۾ موجود سرڪاري عمارتن ۾ سولر پينلز کي لڳائڻ ??و ڪم هنگامي بنيادن تي ڪيو و??ندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن خ??اجه آصف، اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سولرائيزيشن منصوبي جي حوالي سان وڏا فيصلا ڪندي اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ ??ي هدايت ??ئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي منصوبو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي واضح هدايت ??ندي چيو ته هو درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪندو. وزيراعظم هدايت ??ئي ته باقي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن تي ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي سان عوام جي کيسن تي بار گهٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.