اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? روايتي سيڪيورٽي سان گڏوگڏ سائبر قوت حاصل ڪري ملڪ کي استحڪام ۽ ترق?? جي تيز ترين راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿو. ايئر يونيورسٽ?? جي 10 هين ڪانووڪيشن جي ت??ريب کي خطاب ڪندي صدر دنيا جي پنجين آبادي واري ملڪ ۾ عصري شعبن خاص طور تي مصنوعي ذهانت، سائبر اسپيس ۽ ڊيٽا سان هلندڙ ٽيڪنالاجي ۾ علم حاصل ڪر?? جي ضرورت تي روشني وڌي. صدر چيو ته پاڪستان ائٽمي ڊيٽرنس جهڙي روايتي دفاع ۾ پيشيواراڻي مهارت حاصل ڪئي آهي جڏهن ته سائبر اسپيس ۾ مضبوط قدم ڄمائڻ به بقاءَ جي لاءِ ضروري آهي. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ت?? گذريل س??ل جي عالمي سائبر رينڪنگ ۾ پاڪستان شامل نه آهي، اها صورتحال رجعت پسند ذهنيت ۾ هڪ وڏي تبديلي کانسواءِ ڪيريئر جي رستن جي چونڊ ۾ نظرثاني جو مطالبو ڪري ٿي. هن چيو ته سائبر علم ملڪ جي وڏي نوجوان آبادي کي موجوده مهارتن سان ليس ڪر?? جو هڪ بهترين ذريعو آهي. هن ٻڌايو ته پيٽرن جي سڃاڻپ تي ٻڌل ڊيٽا جي هڪ وڏي مقدار دنيا ۾ دستياب آهي جنهن جي مقدار ۽ تجزيو ڪر?? جي لاءِ مصنوعي ذهانت جي مهارت جي ضرورت آهي. صدر نوجوانن کي ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت بابت ضروري معلومات فراهم ڪر?? بابت فيصلاسازي ت?? زور ڏنو ۽ چيو ته دنيا انهن شعبن ۾ هڪ بي مثال تبديلي ڏٺي آهي. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) پاران جاب مارڪيٽس تي مڪمل تحقيق ڪر?? جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهو قومي ۽ عالمي ادارن جي ضرورت کي پورو ڪر?? جي لاءِ هڪ هنرمند انساني وسيلا مهيا ڪر?? ۾ مدد فراهم ڪندو، اهڙي طرح ملڪ ۾ بيروزگار?? جي مسئلي کي مناسب طريقي سان حل ڪري سگهجي ٿو. سائبر سيڪيورٽي ڊسپلين جي پهرين بئچ بابت صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته تعليم جي عظيم مقصد جي لاءِ مسلسل حمايت ۽ سرپرستي ڪر?? تي انهن کي ساراهيو. ان موقعي ت?? صدر فارغ ٿيندڙ شاگردن کي ڊگريون ڏنيون ۽ مختلف شعبن ۾ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. تقريب ۾ مختلف شعبن بشمول بزنس ايڊمنسٽريشن، اڪائونٽنگ ۽ فنانس، ايوي ايشن مئنيجمينٽ، ادب ۽ لسانيات، رياضي، طبيعات، اسٽريٽجڪ اسٽڊيز، ڪميپوٽر سائنس جي شعبن کانسواءِ مڪينيڪل، ميڪيٽرونڪس، اليڪٽريڪل، ايرو اسپيس ۽ ايروناٽيڪل انجنيئرنگ ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ انڊر گريجوئيٽ سان گڏوگڏ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامز جي 1300 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ت??غا ۽ ڊگريون عطا ڪيون ويون. ان کان اڳ وائيس چانسلر ايئر يونيورسٽي ايئر مارشل (رٽائرڊ) جاويد احمد پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايڇ اي ا?? جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد جا ٿورا مڃيا. هن نيشنل ايرو اسپيس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ تحت مختلف منصوبن ذريعي ٽيڪنالاج?? جي ميدان کي جديد بڻائڻ ۽ بحال ڪر?? جي لاءِ ايئر چيف جي ويزن کي ساراهيو. هن چيو ته ايئر يونيورسٽي شاگردن کي معياري تعليم، تحقيق ۽ ٽيڪنالاج?? جي فراهمي جاري رکندي ۽ قومي مقصد ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندي.