اسلام آباد – 23 – ??يبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار تاشقند ۾ ٿيندڙ واپار، اقتصادي ۽ سائنسي ٽيڪنالاجي بابت ازبڪستان – ??اڪستان عالمي ڪميشن جي تعاون سان اٺين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو، ازبڪستان جي وفد جي قيادت سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار وارو وزير لازيز قدراتوف ڪندو. ترجمان چيو ته اجلاس ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، ت??ليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سياحت، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون تي ڌ??ان ڏنو ويندو.