ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ انشورنس جي ??عبي ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان قدم سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ معيشت مضبوط ٿيندي، سٺي انشورنس ۽ بئنڪنگ مصنوعات ”بئنڪ ايشورنس“ جي ??عبي ۾ ماڻهن جي ??عتماد سان گڏوگڏ معيشت ۾ ليڪويڊيٽي جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندي. صدر اها ڳالهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي ??هتمام هيٺ ”بئنڪ ايشورنس ۾ شفافيت ۽ محتسب جي ڪردار“ جي ??نوان سان منعقد ڪانفرنس دوران چئي. ڪانفرنس ۾ وفاقي بئنڪنگ محتسب ڪامران شهزاد، وفاقي انشورنس محتسب خاور جميل، چيئرمين ا??شورنس ايسوسيئيشن آف پاڪستان محمد حسين هرجي، بئنڪنگ ۽ انشورنس انڊسٽري جي ??هديدارن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته اهو رياست جو فرض آهي ته اها بئنڪنگ ۽ انشورنس انڊسٽري کي ترقي ۽ شفافيت آڻڻ جي لاءِ هڪ ريگيوليٽري فريم ورڪ فراهم ڪري. هن ا??شورنس انڊسٽري تي زور ڏنو ته اها چيڪ اينڊ بيلنس ۽ فلٽرنگ مڪينزم کي بهتر بڻائي ۽ پاليسي هولڊرز کي انشورنس پاليسيون جاري ڪرڻ کان اڳ مناسب احتياط ڪري، ان کانسواءِ انشورنس ڪليمز کي وقت سر ۽ شفاف طريقي سان ادا ڪيو وڃي. صدر وڌيڪ چيو ته انشورنس سيڪٽر کي مضبوط بڻائڻ جي ??مام گهڻي ضرورت آهي ۽ مل جي ??ي ڊي پي ۾ انشورنس سيڪٽر جي ??عاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ انشورنس سيڪٽر جو حصو هڪ سيڪڙو کان گهٽ آهي جڏهن ته ٻين علائقائي ملڪن ۾ اهو 3 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. صدر چيو ته انشورنس سيڪٽر عام ماڻهن جي لاءِ منافع?? ڏيندڙ مصنوعات پيش ڪري سگهي ٿو ته جيئن منافع?? ڏيندڙ سيڙپڪاري جي لاءِ ماڻهن کي بچتن کي ترغيب ڏئي سگهجي ۽ معيشت کي سهارو ڏئي سگهجي. هن ملڪ جي ??ولت کي گردش ۾ رکڻ جي لاءِ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ رکيل رقم کي معيشت جي ٻين پيداواري شعبن ۾ منتقل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته فصل جي ??يمي ۽ سماجي ??نشورنس جهڙي نئين مصنوعات کي موجوده موسمي حالتن جي ڏس ۾ متعارف ڪرائڻ گهرجي. صدر چيو ته انشورنس جي مصنوعات ۽ خدمتن تي ماڻهن جو اعتماد پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاليسي وڪرو ڪرڻ وقت ماڻهن کي انشورنس پاليسين بابت صحيح معلومات فراهم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته بيمي ۽ بئنڪنگ سيڪٽر جي ??يلز فورس پ??را?? فيئر پلي جي ??ريعي صارفين جو اعتماد کٽڻ جي لاءِ بهترين طرز عمل اختيار ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي انشورنس محتسب خاور جميل شرڪت ڪندڙن کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ترقي بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل سال دوران شڪايت ڪندڙن کي 2.57 ارب رپين جي لاڳت جو مالي ر??لي?? فراهم ڪيو ويو، اهو وفاقي انشورنس محتسب ۾ تڪرارن جي ??وستاڻي حل ۽ شڪايتن جي ??زالي جي موثر نظام جي ??ريعي ممڪن ٿيو آهي. ان کان اڳ صدر متاثرين ۾ چيڪ پڻ ورهايا.