اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ک?? ٽيليفون ڪري زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم ترڪيه جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته هو قيمتي انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو ڏکويل آهي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي ترڪيه ڀاءُ ۽ عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته زلزلي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان ڀرپور ت??اون ڪندي. وز??راعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي تباهي جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد، خطي ۽ مخصوص قوم تائين محدود نه آهي. هن مارجي ويلن جي مغفرت، پونئيرن جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وز??راعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته هو وز??راعظم ۽ پاڪستاني عوام جي جذبن جو قدر ڪري ٿو.