اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد تي گرين لائين ا??ڪسپريس ٽرين سروس جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي ٽرين ۾ سفري سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد ر??يق، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن ا??بال وزيراعظم سان گڏ هئا. ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد ر??يق وزيراعظم کي ٽرين بابت بريفنگ ڏني. جديد سهولتن سان ليس گرين لائين ا??ڪسپريس ٽرين اسلام آباد ??ان ڪراچي رستي پاڪستان ريلويز مين لائين – ان پيسينجر سروس مهيا ڪندي. اها ٽرين راولپنڊي، چڪلالا، لاهور، خانيوال، بهاولپور، روهڙي، حيدرآباد ۽ ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشنن تي بيهندي.