اسلام آباد– 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سوئيٽزرلينڊ ۾ عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ڏکڻ آفريقا جي عالمي لاڳاپن ۽ تعاون جي وزير سان ملاقات ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي اقتصادي فورم جي اجلاس جي موقعي تي ڊاڪٽر ناليڊي پنڊور سان ملي خوشي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ هر سطح تي پراڻا مضبوط لاڳاپا قائم آهن. ڏکڻ آفريقا جي پرڏيهي وزير سان گڏيل دلچسپي جي عال??ي معاملن تي سٺي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ?? ٻوڏ کانپوءِ ڏکڻ آفريقا جي حمايت ۽ يڪجهتي جي تعريف ڪئي. ملاقات دوران واپار ۽ سيڙپڪاري جي حوالي سان اسان جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاء?? ڪيو.