اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??فا??ي پيداوار جي شعبي ۾ ڪارڪردگي ۽ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۽ جد?? آڻڻ جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ??فا??ي پيداوار جي شعبي ۾ ترقي جي وڏي صلاحيت موجود آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز واه جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر کي پاڪستان جون ??فا??ي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي ??ردار تي بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته جديد ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري ۽ انساني وسيلن جي سگهه مسلسل اضافي سان ان صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. صدر چيو ته موجوده منڊين ۾ پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ چين سپلائي جي شعبي جي ??ارڪردگي ۾ اضافو ضروري آهي. پاڪستاني ??فا??ي مصنوعات اعليٰ معيار رکندڙ، موثر، مختلف حالتن ۾ قابل اعتماد ۽ گهٽ قيمت آهن. صدر پاڪستان جون ??فا??ي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي ??ردار کي ساراهيو. هن پاڪستاني فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ايجنسين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ فيڪٽري جي ??ردار کي ساراهيو. صدر آرڊيننس فيڪٽري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو جتي هن کي پيداواري عمل تي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف علوي تيار ڪيل ۽ ڊسپلي تي موجود مختلف ??فا??ي مصنوعات ۾ گهري دلچسپي ورتي.