اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ تحت منصوبن جي حوالي سان ف??ري اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ماضي ۾ انهن منصوبن جي حوالي سان غيرضر??ري دير ڪئي وئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي، سعودي عرب پاڪستان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ، قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي ذريعي سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ڊولپ??ين?? فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ جي وفد جيڪو پاڪستان جي د??ري تي آهي، ان کي به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ جي التوا هيٺ منصوبن جي حوالي سان 48 ڪلاڪن ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن ۽ ان سلسلي ۾ لاڳاپيل عملدارن سم??ري ضر??ري ڪارروائي به مڪمل ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ان حوالي سان اڳڀرائي تي خوشي جو اظهار ڪندي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسان کي انهي جوش، جذبي ۽ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ اسان سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ جي منصوبن جي حوالي سان غيرضر??ري دير ڪئي جنهن جو اسان کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو آهي. جڏهن ته هاڻي اسان کي انهي رفتار سان اڳتي وڌڻو آهي جنهن رفتار سان گذريل ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن ۽ آفيسرن جي ان گروپ ڪم ڪيو. اجلاس کي سعودي ڊولپ??ين?? فنڊ جي منصوبن تي تازي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ تحت مهمند ڊيم پراجيڪٽ، جاگران – IV پراجيڪٽ، شونٽر هائيڊرو پاور پراجيڪٽ ۽ گريويٽي فلو واٽر مانسهره پراجيڪٽ جي حوالي سان سم??ري ضر??ري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ معاهدن تي جلد صحيحون ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيلم جهلم هائيڊرو پاور پلانٽ ۽ گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي حوالي سان سموريون ڏکيائيون ختم ڪيون ويون آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نيلم ويلي روڊ جي هڪ سيڪشن ۽ ٻن ٽنلز جي تعمير جي لاءِ پي سي ون تيار ڪئي وئي آهي. وڌيڪ اهو ته مالاڪنڊ ريجن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ حياسري اسپتال کي ضر??ري سامان ۽ فرنيچر جي فراهمي جي منصوبن جي حوالي سان پڻ سمورا مسئلا حل ڪيا ويا آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ايبٽ آباد جي زلزلي کان متاثر علائقن جي بحالي جي حوالي سان سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ، ايرا، فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اڪائونٽنٽ جنرل آفيس جي وچ ۾ سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ ترلائي، اسلام آباد ۾ شاهه سلمان اسپتال جي تعمير جي حوالي سان تيزي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي. وزيراعظم سعودي وفد کي پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ ديامير ڀاشا ڊيم ۾ فنڊنگ ڪرڻ جي ترغيب ڏني جنهن تي سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ جي وفد دلچسپي جو اظهار ڪيو. 17 آڪٽوبر 2022ع تي سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ جي وفد سان ملاقات ۾ وزيراعظم سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ جي منصوبن ۾ دير تي سخت نوٽيس وٺندي سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي هئي ته ان سلسلي ۾ سم??ري ضر??ري ڪارروائي وفد جي پاڪستان ۾ موجودگي دوران پ??ري ڪري هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پرڏيهي معاملن سميت هر محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي قيادت پاران پاڪستان کي سدائين غيرمشروط حمايت ۽ مدد حاصل رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن ان سلسلي ۾ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان عبدالعزيز جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي مالي مشڪلاتن جي حل، گرانٽ ۽ قرضن جي فراهمي ۽ سيڙپڪاري جي صورت ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي پاڪستان جي خوشحالي ۽ سيڪيورٽي آهي ۽ اسان هر طريقي سان سعودي عرب جي حمايت جاري رکنداسين. سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ وفد جي قيادت سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ جي جنرل ڊائريڪٽر ايشيا ڊاڪٽر سعود اي ايشمري ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ جهانزيب خان، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيدالمالڪي ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ سعودي ??يو??پ??ين?? فنڊ جي وفد جي مان ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو ويو.