برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جرمني جي دوري جي موقعي تي برلن ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جو ??ورو ڪيو. هن سفارتخاني ۾ آفيسرن سان ملاقات ۽ ڊيجيٽل ٽو??رازم ڪارنر جو ??فتتاح پڻ ڪيو. پرڏيهي وزير آگمنٽڊ ۽ ورچوئل ريئلٽي جي ذريعي پاڪستان جي سياحتي ورثي جي فر??غ کي ساراهيو ۽ پسنديدگي جو ??ظهار ڪيو. ڊيجيٽل ميونخ جي سي اي او ارسلان منهاس پرڏيهي وزير کي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير ورچوئل ريئلٽي گلاسز پائي ڊيجيٽل سياحت مان لطف اندوز ٿيو. ڪنهن به پاڪستاني سفارتخاني ۾ پنهنجي طرز جو هي پهريون منصوبو آهي.