برلن – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان هن وقت ٻوڏ جي صورتحال ۾ مشڪل ترين حالتن مان گذري رهيو آهي، پاڪستان جو ٽيون حصو ٻوڏ کا?? متاثر ٿيو آهي، ??با??ي آڻيندڙ ٻوڏ پاڪستان ۾ تاريخ جي وڏي ??با??ي پکيڙي آهي. جرمني جي ??ن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي جرمن هم منصب اينالينا بيرباڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ ??با??ي آڻيندڙ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن، متاثر علائقن ۾ ٻوڏ واري پاڻي سان ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي رهيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي جي ڪري ان وڏي آفت کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ماحولياتي تبديلي جي ڪري ٺهندڙ گرين هائوس گئسز ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان کي هن ماحولياتي ??با??ي کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ عاليم برادري جي مدد گهربل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يورپي يونين ۾ جرمني پاڪستان جو سڀ کا?? وڏو واپاري پارٽنر آهي، پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ بهترين سفارت?? لاڳاپا آهن. هن چيو ته گرمجوش ميزباني تي جرمن هم منصب جو ٿورائتو آهيان، جرمني ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جو وڏو انگ آباد آهي، پاڪستاني شاگردن ج?? لاءِ جرمني هڪ بهترين ملڪ آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جرمن هم منصب سان واپار ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته افغانستان کي به يوڪرين وانگر عالمي مدد گهرجي. ان موقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزير اينالينا بيرباڪ پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين ج?? لاءِ وڌيڪ هڪ ڪروڙ يورو ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ڪيتري ??با??ي ٿي ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، ٻوڏ متاثرين خاص طور تي ٻار کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سان پاڪستان سڀ کا?? وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ کا??پوءِ متاثر علائقن ۾ مليريا پکڙجي رهيو آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جرمني جو اهم ترين واپاري حصيدار آهي، جرمن ڪمپنيون پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. هن چيو ته جرمني پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.