اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق چيو آه??، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان دنيا لاءِ مثال آه??، پاڪستان کي هن وقت عالمي امداد جي ضرورت آه??، جيترو وڌيڪ ۽ جلدي پاڪستان جي معاونت ٿيندي ان ئي رفتار سان اسان وڌيڪ انساني حياتيون بچائڻ جي قابل ٿي سگهنداسين. جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش اپيل جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي برسات سبب جيڪا تباهي ٿي آه?? اها دنيا لاءِ هڪ مثال آه??. موسمياتي تبديلين جي تمام وڏي قيمت پاڪستان کي ادا ڪرڻي پئي جڏهن ته ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي نيڪال ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آه??، جڏهن ته انهن تبديلين س??ب متاثر ٿيل ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان شامل آه??. ضرورت ان ڳالهه جي آه?? ته ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي فنڊ ۾ پاڪستان کي ان جو حصو ڏنو وڃي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۾ هن سال جون کان وٺي سيپٽمبر تا??ين لڳاتار برساتون پيون ۽ اها هڪ غيرمعمولي صورتحال هئي. روائتي طور پاڪستان ۾ درياهن ۾ چاڙهه جي ڪري ٻوڏ ايندي رهندي آه?? جڏهن ته هن ڀيري اها تباهي غيرمعمولي برساتن جي صورت ۾ آسمان مان نازل ٿي، ڪجهه علائقن ۾ لڳاتار برسات پوندي رهي جنهن ڪري ملڪ ۾ رستن، ريلوي ٽريڪس ۽ بنيادي ڍانچي کي تمام گهڻو نقصان پهتو. هڪ اندازي مطابق جن علائقن ۾ 50 سيڪڙووڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي اتي 700 کان وٺي 1700 سيڪڙو تا??ين وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته لڳاتار برساتن جي ڪري انتظاميه هيليڪاپٽرن ذريعي به امداد نه پهچائي سگهي. هن وقت به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آه?? جيئن ئي پاڻي گهٽجندو انهن علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي جون سرگرميون شروع ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته نئين سر تعمير ۽ بحالي جو ڪم هڪ يا ٻن مهينن ۾ نه پر ان ۾ هڪ سال کان وڌيڪ عرصو لڳي سگهي ٿو. پاڪستان گڏيل قومن ۽ امداد ڏيندڙ ادارن نقصان جي شدت جو اندازو لڳايو آه??. پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو آه??.