نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپين جي صدر پيڊرو سانشيز سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهي م??اقاتون گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي م??قعي تي ٿيون. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني کر ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.