اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪه بر??انيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي بر??انوي وزيراعظم الزبيٿ ٽرس کي تعزيتي خط لکيو آهي جنهن ۾ ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي بر??انوي هم منصب ۽ ان جي وسيلي شاهي خاندان سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خط ۾ چيو ته بحيثيت ملڪه بر??انيا تي ڊگهي ترين مدي تائين حڪمران ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪه ايلزبيٿ ٻه ان سموري عرصي ۾ بر??انيا ۽ سڄي دنيا ۾ مثبت تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي دولت مشترڪه جي لاءِ خلوص ۽ ان جي انٿڪ نگراني ۾ اها تنظيم دنيا جي سڀ کان وڏي آزاد ملڪن جي تنظيم بڻجي وئي. وزيراعظم چيو ته ڊگهي عرصي تائين عوامي مفادن ج?? تحفظ جي لاءِ خدمتن جي باوجود ملڪه ايلزبيٿ جي شخصيت ۽ ان جي موجودگي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي لاءِ اتحاد ۽ اخوت جي طاقت جو نشان بڻي، بر??انيا ۽ دولت مشترڪه جي سربراهه طور پاڪستاني عوام جي ملڪه ايلزبيٿ جي لاءِ سدائين احترام ۽ عزت جا جذبا رهيا. وزيراعظم چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل ان جي حڪومت دوران پاڪستاني عوام ۽ ملڪه ايلزبيٿ جي وچ ۾ ان عزم ۽ احترام جي رشتي ۾ مضبوطي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون سموريون همدرديون بر??انوي شاهي خاندان، بر??انوي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.