دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان قطر سان روايتي ويجهي سياسي لاڳاپن کي جامع اقتصادي ??صيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي فر??غ ڏيڻ جي ضرورت آهي، قطر جا سيڙپڪار پاڪستان جي آزاداني ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي ????اع??، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر منصور بن ابراهيم الحمود ۽ آفريقا ۽ ايشيا پيسفڪ ريجنز بابت چيف انويسٽمينٽ آفيسر شيخ فيصل ثاني الثاني تي ٻڌل قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي دنيا جي سڀ کان وڏي خودمختيار ويلٿ فنڊز مان هڪ آهي. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچڻ کان فوري پوءِ وزي??اع??م جي اها پهرين مصروفيت هئي. ڪابينا جا اهم ميمبر ۽ سينيئر عملدار وزي??اع??م سان گڏ هئا. قطر جي امير جي دورانديش قيادت ۾ قطر جي تيز رفتار اقتصادي ??رقي کي ساراهيندي وزي??اع??م ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ روايتي سياسي لاڳاپن کي هڪ جامع اقصادي ??صيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزي??اع??م شمسي توانائي، هوا مان بجلي پيدا ڪرڻ، هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن سميت خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ فر??غ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزي??اع??م پاڪستان جي منفرد ۽ جاگرافيائي ۽ آبادياتي فائدن کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ هڪ وڏي وچولي طبقي جي مارڪيٽ ۽ هنرمند افرادي قوت سان پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان جي آزاداڻي ۽ ڪاروبار دوست سيڙپڪاري جي پاليسين کي اجاگر ڪندي وزي??اع??م قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي، هوابازي، ز??اع?? ۽ لائيو اسٽاڪ، ميري ٽائيم، سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن قطري سيڙپڪارن تي پڻ زور ڏنو ??ه اهي علائقائي رابطي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان پيدا ٿيندڙ موقعن مان فائدو کڻن. وزي??اع??م قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي کي شفاف ۽ تيزي سان معاملن کي اڪلائڻ جي حوالي سان مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. لاڳاپيل وزارتن پاران پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، جهاز راني، هوابازي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو ويو. وزي??اع??م پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي دلچسپي کي ساراهيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفان نامزد نمائندا سيڙپڪاري جي لاءِ اهم تجويزن تي عملدرآمد جي حوالي سان ويجهي رابطو برقرار رکندا. وزي??اع??م منصور بن ابراهيم الحمود ۽ شيخ فيصل ثاني الثاني کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد پاڪستان کي پنهنجي ترجيح قرار ڏيندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.