اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آ??ي ت?? پاڪستان کي غير معمولي برساتن ۽ـ ٻوڏ جي تباهي درپيش آهي، ترقياتي بجيٽ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين، عوام کي رليف ۽ بحاليءَ لاءِ قدم کنيا ويندا، گڏيل قومن جي هنگامي اپيل کان پوءِ عالمي برادري مدد ڪندي، نقصانن جو سروي ٿي رهيو آ??ي، جنهن کان پوءِ دوست ملڪ اسان جي مدد ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هي بارشون ماحولياتي تبديليءَ جو نتيجو آ??ن، ان سال بهار جي موسم ناهي آئي، سياري کان گرمين ۾ داخل ٿي وياسين. هن چيو ته جن علائقن ۾ برساتون نه ٿينديون هيون اتي 500 ڀيرا وڌيڪ برسات ٿي، جنهن سان انهن علائقن ۾ نقصان ٿيو ۽ تمام وڏي تباهي ڏسڻي پئ??، ان قدرتي آفت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت سڀني صوبن جي مدد ڪري رهي آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪ به ايتري وڏي تباهيءَ کي مُنهن نٿا ڏئي سگهن، زرعي فصل به تباهه ٿي ويا آهن، اڄ پر??ئيس مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪيو آ??ي، ملڪ ۾ هفتيوار قيمتن جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته انتظاميه کي چيو ويو آ??ي ت?? ذخيره اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. افغانستان ۽ ايران مان بصر ۽ ٽماٽو آ??دني واپ??ر ٿي رهيو آ??ي، کاڄرو تيل جي قيمت گهٽ ڪنداسين، عالمي مارڪيٽ ۾ گيهه ۽ـ تيل جي قيمت گهٽ ٿي آهي، مل مالڪ فوري طور تي قيمتون گهٽ ڪن. هن چيو ته خوراڪ جون ضروري شيون آمدني واپار ڪنداسين. سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جو مال ۽ خوراڪ جا ذخيرا تباهه ٿي ويا، سڄي بجيٽ تي نظرثاني ڪري رهيا آهيون. ترقياتي بجيٽ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ڪنداسين.