اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن ??ي سڀ کان وڏي آبادي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، افغان پناهگيرن لاءِ عالمي امداد م مسلسل گهٽتائي جي باوجود پاڪستان ا??هن کي سڀئي ممڪنه سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن ??ي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهڙن خيالن جو اظهار پناهگيرن ??ي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اهو عالمي ڏينهن پناهگيرن ??ا مسئل?? سمجهڻ ۽ انهن جي زندگي جي حالت سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، 1979ع کان لکين ا??غان پناهگير پاڪستان ??چڻ شروع ٿيا، افغانستان جي اندروني حالتن جي ڪري گذريل چئن ڏهاڪن کان ا??و سلسلو جاري آهي، هن چيو ته قومي ڪووڊ پروگرام تحت 14 لک رجسٽرڊ افغان پناهگيرن ۽ 8.5 لک افغان س??يز?? ڪارڊ هولڊرز کي ٽيسٽنگ ۽ ويڪسين جون سهولتون به فراهم ڪيون ويون آهن، ان لاءِ پناهگيرن لاءِ پاڪستان جي عزم تي ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي، صدر چيو ته عالمي برادري ان عالمي مقصد لاءِ پاڪستان جي تعاون جو اعتراف ڪيو آهي، پناهگيرن ??ي ڀلائي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالمي برادري به ان سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو آهي، پناهگيرن ??و تعلق معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن سان آهي. انهن جي مسئلن جو حتمي حل انهن جي اباڻي ملڪن ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام آهي ته جيئن هو عزت ۽ وقار سان پنهنجي ملڪ واپس وڃي سگهن، صدر چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن ??ي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.