اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) ناڻي ۽ او??اڙين واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت 45 مهينن ۾ ملڪي تاريخ جي 71 س??لن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 79 سيڪڙو قرضن ۽ رهتن ۾ اضافو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ناڻي واري وزير چيو ته رڪارڊ جي لاءِ پي ٽي آءِ جي دو?? ۾ ڪل ملڪي قرض 24953 ارب رپين مان وڌي 44366 ارب رپيا ٿي ويو?? جيڪو 78 سيڪڙو اضافو آهي. هن چيو ته مجموعي قرضن کانسواءِ رهتون 79 سيڪڙو اضافي سان 29879 ارب رپين مان وڌي 53544 ارب رپيا ٿي ويون. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ گذريل 71 س??لن ۾ شامل سمورن قرضن ۽ رهتن ۾ 3.75 س??لن ۾ 79 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي.