اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ??حريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اس??نکي قبول هوندو. انهن خيال?? جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان ??ان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پرڏيهي خط ۾ چيو ويو ته وزيراعظم کي جيڪڏهن نٿو هٽايو وڃي ته پاڪستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ان ??ي ڪيترائي سوال اٿن ٿا، عدم اعتماد کان ٽي ڏينهن اڳ قومي سيڪيورٽي ڪميٽي جو اجلاس رکيو ويو هو، اپوزيشن چيو ته قومي سيڪيورٽي ڪميٽي اجلاس لاءِ اس??نکي ڪو دعوت نامو ناهي ڏنو ويو، انهن کي باضابطه خط لکي گهرايو ويو پر اهي نه آيا، متحده اپوزيش?? جو مقصد عدم اعتماد آڻي چونڊن ۾ آءِ وي ايم مشين جي اس??عمال کي ختم ڪرڻو هو، انه?? جو مقصد نيب ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ کي ختم ڪرڻو هو، پرڏيهي سازش جي جيستائين جاچ نٿي ٿئي عدم اعتماد نٿي ٿي سگهي. فيصل جاويد چيو ته اس??نجون نون چونڊن لاءِ تياريون عروج تي هجن، اپوزيشن خوفزده ڇو آهي عوام ۾ اچي ۽ ميدان ۾ مقابلو ڪري. ان موقعي تي علي محمد خان چيو ته اس??ن گورننس تي ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون، مهانگائي کي تسليم ٿا ڪريون، معاملو تبديل ٿي ويو آهي، هاڻي معاملو رياست جو ٿي ويو آهي، پاڪستان ??ا فيصلا پرڏيهه مان نه ٿي?? گهرجن. هن چيو ته روس رڳو بهانو آهي عمران ??ان نشانو آهي.