اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جو انعقاد پ??ڪس??اني سفارتڪاري ۽ عالم اسلام ۾ اسلام آباد جي قائداڻي ڪردار جي ڏس ۾ هڪ تاريخي واقعو آهي، پ??ڪس??ان ڪنهن بلاڪ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ امن ۽ استحڪام، دوستاڻي پاڙيسري ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي حوالي سا?? چيو ته ڪانفرنس تنظيمي ۽ انتظامي موقف کان وٺي ٺوس تيارين ۽ نتيجن تائين هر لحاظ کان ڪامياب رهي، اهو پ??ڪس??اني سفارتڪاري جو تاريخي ايونٽ هو، اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سائنٽفڪ ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو، مسلمان امت کي درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي اڻٽر قرار ڏنو ويو. ترجما?? چيو ته ڪانفرنس واضح پيغام ڏنو ته مسلمان دنيا تڪرارن ۾ نه پر امن ۾ حصيدار آهي، پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل هڪ دفعو ٻيهر او آءِ سي ۾ پ??ڪس??ان جي قائداڻي ڪردار جو اعتراف ڪيو، ترجما?? چيو ته او آءِ سي ۾ پ??ڪس??ان جي نمايان ڪردار جو ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اجلاس ۾ او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن، علائقائي ۽ عالمي تنظيمن جي 800 کان وڌيڪ نمائندن، وزاتي سطح جي 45 کان وڌيڪ شرڪت ڪندڙن، اعليٰ عملدارن، نمائندن شرڪت ڪئي جڏهن ته چيني پرڏيهي وزير وانگ يي خصوصي مهمان طور تي گهرايو ويو هو، ترجما?? چيو ته فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار بابت ڀرپور قرارداد، ڄمون ۽ ڪشمير تي رابطا گروپ جي طرفان جا??ع گڏيل پڌرنامو ۽ ايڪشن پلان، افغانستان جي حوالي سان هيومينٽرين ٽرسٽ فنڊ کي فعال ڪرڻ، اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي خصوصي ايلچي جي مقرري، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن بابت قرارداد، 9 مارچ تي ڀارتي ميزائل جي واقعي تي سخت خدشا، پ??ڪس??ان جي طرفان مسلمان دنيا ۾ امن جي فروغ ۽ تڪرارن جي روڪٿام جي غرض سان وزارتي ڪانفرنس گهرائڻ جون تجويزون نمايان ڪاميابي آهن، سياسي، سيڪيورٽي، انساني، اقتصادي، سماجي، قانوني مسلم اقليتن، اسلامو فوبيا، اسلحه ڪنٽرول، دهشتگردي، غير قانوني مالياتي وهڪري ۽ بدعنواني، ثالثي ۽ او آءِ سي سڌارن جي حوالي سان هڪ سئو 40 قراردادون منظور ڪي??ن ويون، انهن مان 20 قراردادون پ??ڪس??ان يا پ??ڪس??ان جي تعاون سان پيش ڪي??ن ويون. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس جو انعقاد پ??ڪس??اني سفارتڪاري ۽ عالم اسلام ۾ اسلام آباد جي قائداڻي ڪردار جي ڏس ۾ هڪ تاريخي واقعو آهي، ه?? چيو ته پ??ڪس??ان ڪنهن بلاڪ جو حصو بڻجڻ کانسواءِ امن ۽ استحڪام، دوستاڻي پاڙيسري ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. ه?? چيو ته پ??ڪس??ا?? چين کي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ خاص مهمان طور دعوت ڏني ڇو ته بيجنگ او آءِ سي ملڪن سان تعاون کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. ترجما?? چيو ته چين وٽ اسلامي ملڪن سان پنهنجي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ انهي جذبي سان اسا?? چيني پرڏيهي وزير وانگ يي کي خصوصي مهمان طور ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، عاصم افتخار چيو ته او آءِ سي رابطا گروپ ڄمون ۽ ڪشمير تي هڪ ايڪشن پلان به اختيار ڪيو.