اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهردين مل??قا?? ڪئي. اها مل??قا?? اسلامي تعاون تنظيم جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. مل??قا?? دوران هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه تي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبه جي پنهنجي سرڪاري ??وري ??و حوالو ڏنو ۽ دوري ??وران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد تي اطمينان جو اطهار ڪيو، وزيراعظم واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ??هم??ت تي زور ڏنو، وزيراعظم معيشت، واپار، توانائي، رابطي ۽ سيڙپڪاري ??ي شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي جامع طور تي بهتر بڻائڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، هن ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت وچ ايشيا سان پاڪستان جي وڌندڙ رابطن کي به اجاگر ڪيو ۽ ڪاسا 1000 پاور پراجيڪٽ جي وقت سر تڪميل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، وزيراعظم افغانستان ۾ پائيدار امن ?? انساني امداد جي فر??هم?? لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي زور ڏنو. علائقائي خوشحالي لاءِ ملڪ ۾ ڊگهي امن ?? استحڪام جي ??هم??ت تي زور ڏيندي وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان سڀني جي مفاد ۾ آهي.