اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي انڊسٽريل بيس وڌ??ئڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، صنعتي ترقي ??انسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ملڪي صنعتي شعبي جي ترقي لاءِ کنيل حڪومت جي قدمن ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت صنعتي صلاحيت وڌ??ئڻ ۽ سِڪ يونٽس جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان جي حڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعت جي لاءِ ٺوس پاليسي ڏني، حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري صنعتي شعبو ترقي ??ري رهيو آهي، صنعتن جي مڪمل صلاحيت تي هلڻ جي ڪري روزگار ?? اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ڪورونا وبا دوران ڪامياب معاشي ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري صنعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو جنهن جي ڪري روزگار جا موقعا پيدا ٿيا، پيداوار ?? اضافي سان گڏوگڏ روانگي واپار ?? پڻ اضافو ٿيو آهي، حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت کي وڌ??ئڻ ۽ بيمار يونٽس جي بحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ صنعتن ۾ روايتي شعبن کانسواءِ نئين شعبن جي شموليت ي??ين?? بڻائي رهي آهي، جنهن جو مقصد درآمدي متبادل ۽ برآمدات ۾ اضافو ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي پاڪستان ۾ صنعتن جي فروغ جي ويزن موجب صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ملڪي صنعتي پيداوار ?? اضافي جي لاءِ صنعتن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ ايندڙ رڪاوٽن جو خاتمو ي??ين?? بڻائي رهي آهي. وزيراعظم ملڪي انڊسٽريل بيس وڌ??ئڻ جي لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ، لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي گڏيل تعاون وڌ??ئڻ ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.