اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آزاد ڪشمير ج?? اڳوڻي صدر ۽ آمريڪا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خا?? پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري ??يان موجب سينيٽ چيئرمين آمريڪا ۾ سفير طور نامزدگي تي سردار مسعود خان کي مبارڪابد ڏني، سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفي، وسيع البنياد ۽ گهڻ رخي لاڳاپن جو خواهشمند آهي،
سينيٽ چيئرمين چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته موثر سفارتڪاري ???? ذريعي دنيا جو ڌيا?? پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري ??ي ميسر وسيع موقعن طرف ڇڪرايو وڃي، هن اميد ظاهر ڪئي ته سردار مسعود خان جهڙي تجربيڪار سفارتڪار ج?? مقرري ??ا?? پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ??يندي. سردار مسعود خ??ن سينيٽ چيئرمين س??ن سندس ڏاڏيءِ ۽ ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، آمريڪا لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خ??ن سينيٽ چيئرمين جو ٿورو ادا ڪيو ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موثر طريقي سان نمائندگي جي عزم کي ورجايو.