زائو شن/ شوڪت چانڊيو
ان کان هٽي ڪري ته دنيا هن وقت ڪوو??ڊ 19 جي وبا کي منهن ڏئي رهي آهي پر ??يج??گ ۾ ونٽر ??ولمپڪس راندين جون تياريون زور شور سان جاري آهن، جيڪي 4 فيبروري کان شروع ٿينديون. چين ان حوالي سان پنهنجي ڪيل واعدي کي مڪمل طور تي سرانجام ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن انتظام ڪيا آهن ۽ هن ونٽر ??ولمپڪس جي لاءِ 2015ع ۾ ٿيل واڪ ۾ حصو ورتو هو ۽ ??يج??گ هن وقت سڄي دنيا مان ايندڙ رانديگرن جي آجيان لاءِ ٻانهون کولي بيٺل آهي ۽ ان سان سڄي دنيا جيڪا صديءَ جي هڪ خطرناڪ ۽ هاڃيڪار وبا کي منهن ڏئي رهي آهي ان جي لاءِ هڪ خوبصورت لمحو ثابت ٿيندو. جڏهن ته ٻين اولمپڪس راندين ۾ جيڪي الپائن ريزارٽ ٽائون سينٽ مورٽس سوئيٽزرلينڊ، جاپان ۾ ٿيون هيون ته جاپان پنهنجو 6 ايٿليٽس جو هڪ جٿو موڪليو هو ۽ ايشيا جو اهو پهريون ملڪ هو جنهن ان ونٽر ??ولمپڪس ۾ حصو ورتو هو. چين 1980ع ۾ ونٽر ??ولمپڪس ۾ حصو ورتو ۽ سال پڄاڻان چين انٽرنيشنل اولمپڪس ڪميٽي ۾ پنهنجي هڪ سيٽ جي دعويٰ ڪئي ۽ چين 16 هين ونٽر ??ولمپڪس گيمز جيڪي 1992ع ۾ ٿيون پنهنجو پهريون ونٽر ??ولمپڪس ميڊل کٽيو. جڏهن ته هو 2002ع ۾ 19 هين اولمپڪس ونٽر گيمز ۾ پنهنجي پهرين گولڊ ميڊل سان گڏ واپس ملڪ واپس آيو. جڏهن ته هن وقت ايشيا جي ملڪن جو ونٽر ??ولمپڪس جو پنهنجا جٿا موڪلڻ جو انگ وڌي ويو آهي ۽ ايشيا جا رانديگر هن وقت ونٽر ??ولمپڪس ۾ ميڊل کٽڻ جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳتي آهن. هيستائين سڄي دنيا جي 20 شهرن ونٽر ??ولمپڪس جي ميزباني ڪئي آهي. جن مان 3 ايشيا ۾ آهن. جنهن ۾ جاپان جا سپورو (1972ع)، نگانو (1998ع) شهر، ڏکڻ ڪوريا جو پيان چانگ (2018ع) شامل آهن.
چين هن وقت راندين جي عالمي مقابلن ۾ فعال طور تي شرڪت ڪري رهيو آهي ۽ ان جي ميزباني لاءِ به سڀ کان اڳتي آهي ته جيئن سڄي دنيا سان راندين وسيلي دوستي قائم ڪري سگهجي، خاص طور تي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان. 1963ع جي شروع ۾ چين نيو ايمرجنگ فورسز جي راندين ۾ پنهنجو جٿو موڪليو جيڪي جڪارتا (انڊونيشيا) ۾ ٿيون هيون ۽ جڏهن اهو جٿو واپس موٽيو ته انهن وٽ 66 سون جا تمغا هئا ۽ ان سان عالمي برادري جو چين جي رانديگرن طرف ڌيان ويو. 1990ع ۾ ??يج??گ ايشين گيمز جي ڪاميابي کانپوءِ چين جي گادي واري شهر ثمر اولمپڪس جي 2008ع ۾ ڪاميابي سان ميزباني ڪئي ۽ دنيا چين ۾ هڪ شاندار تبديلي ڏٺي.
2018ع جي پيان چانگ ونٽر ??ولمپڪس، 2020ع جي ٽوڪيو اولمپڪس ۽ هاڻي 2022ع ??يج??گ ونٽر ??ولمپڪس ان جو واضح ثبوت آهن. اولمپڪس جي مشعل ايشيا ۾ 3 ڀيرا چئن سالن ۾ ٻري آهي ۽ اسان سڄي دنيا جي رانديگرن کي ??يج??گ ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته ڪهڙو ملڪ سمر ۽ ونٽر ??ولمپڪس جي ميزباني ڪري ٿو، چين، جاپان يا ڪوريا سدائين راندين جي ميزباني لاءِ وڏي دل رکي آهي ۽ دنيا جي لاءِ پنهنجون ٻانهون سدائين کولي رکيون آهن.
??يج??گ 2022ع ونٽر ??ولمپڪس راندين جي لاءِ پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن نيڪ خواهشن ۽ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان، منگوليا جي وزيراعظم لوئانسي مرسئي اوين اردني شامل آهن. جڏهن ته ان کانسواءِ مختلف ملڪن جي حڪومتن جا نمائندا ۽ ڪميٽين جا ميمبر پڻ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪري اولمپڪس جي نعري ”گڏ آهيون“ کي سچ ثابت ڪندا. منگوليا جي وزيراعظم چيو آهي ته اولمپڪس رانديون سڄي انسان ذات جي لاءِ آهن. جاپان جي اڳوڻي وزيراعظم ياسو فڪودا 2022ع جي ??يج??گ اولمپڪس راندين جي لاءِ ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته ان وبا جي هوندي به رانديگر ??يج??گ ونٽر ??ولمپڪس ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا ۽ اهي پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا.
جاپان اولمپڪس ڪميٽي جي چيئرمين ياسوشيتا ياماشيتا ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ??يج??گ ونٽر ??ولمپڪس مڪمل طور تي ڪامياب ٿينديون ۽ هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته دنيا جيڪا هن وقت ڪوو??ڊ 19 جي وبا جي ڇانوَ ۾ آهي ان کي هنن راندين وسيلي هڪ همت ۽ حوصلو ملندو.
ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ريپبلڪ آف ڪوريا سدائين ??يج??گ ونٽر ??ولمپڪس جي حمايت ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته هي رانديون اتر، اوڀر، ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿينديون ۽ ان سان گڏوگڏ ڪوريا سان رابطن کي پڻ هٿي ملندي. جڏهن ته ان کانسواءِ اولمپڪس ڪائونسل مليشيا جي صدر محمد نورزا ذڪريا، سريلنڪا جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير نمل راجا پاڪسا ۽ ٻين پڻ ونٽر ??ولمپڪس جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
جڏهن ته پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي 14 جنوري تي چيني ميڊيا سان گڏيل ڳالهه ٻولهه ۾ چين جي ڪوششن ۽ ونٽر ??ولمپڪس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته مون کي يقين آهي ته ونٽر ??ولمپڪس رانديون يقيني طور تي ڪامياب ٿينديون ۽ پاڪستان انهن ۾ حصو وٺندو ۽ ان کي ڀرپور نموني سان انجواءِ ڪندو. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته نوجوان نسل راند ۾ شرڪت ڪري واپس موٽندو ته انهن وٽ هڪ خوبصورت ياد هوندي ۽ اهي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن انهن خوبصورت يادن سان موٽندا.
جڏهن ته 12 جنوري تي ڀارتي ميڊيا تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ??يج??گ ونٽر ??ولمپڪس جي حمايت جي فيصلي جو بيان جاري ٿيو جنهن ۾ نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر اجيت ديول ڀارتي حڪومت جي تناظر ۾ چيو ته ڀارت پاڙيسري پهرين جي پاليسي تي قائم آهي.
4 جنوري هڪ مهينو اڳ ??يج??گ ونٽر ??ولمپڪس جي تيارين جي سلسلي ۾ چين جي صدر شي جن پنگ راندين جي هنڌ جو دورو ڪيو هو جنهن ۾ مکيه ميڊيا سينٽر، ونٽر ??سپورٽس ٽريننگ بيس ۽ ٻين جاين جو جائزو ورتو هو. جڏهن ته چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وينگ وين بن ريگيولر پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته پريزيڊنٽ شي جي تازي دوري سان عالمي برادري کي 3 اهم پيغام ويا آهن ته چين پنهنجي واعدي کي اعزاز سمجهي ٿي. چين تيار آهي ۽ چين پراعتماد آهي ته هو هن وبا جي ڏينهن ۾ به ونٽر ??ولمپڪس کي ڪامياب بڻائيندو ۽ بيشڪ چين پنهنجي نيشنل اسٽيڊيم ۾ اولمپڪس جي مشعل ٻارڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ سڄي دنيا کي محفوظ راندين وسيلي اولمپڪس جو امن، دوستي ۽ ترقي جو پيغام ڏيندو.