اسلام آباد ??? 30 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم جو س??ال اهميت رکندڙ آهي ته جيڪڏهن جج پنهنجي گهرواريءَ ٻارن جي اثاثن جا ذميوار نه آهن ته سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس جو احتساب ڪيئن ممڪن آهي؟ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عدليه کي عالمي درجابندي ۾ پنهنجي تيزي سان هيٺ ڪرندڙ ساک جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. نئون چيف جسٽس جڏهن حل?? کڻندو ته کيس اهو چئلينج درپيش هوندو.