اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي ميمبر فضل محمد خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ چارسده ضلعي ۾ ??ار??ي جي تنظيم سازي ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم مقامي سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪري ??ار??ي کي مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي، هن ضلعي ان??ظا??يه سان گڏجي عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.