اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مقامي ۽ عالمي منڊين ۾ افرادي قوت جو حصو بڻائڻ لاءِ مختلف هنر سيکارڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر افنان علي ساهي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جو ڪامياب جوان پروگرام نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي ق??ضن ۽ مهارت تي ٻڌل تربيت جي ??راهمي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪ??ي رهيو آهي، هن چيو ته معاشري جي ??وئتي پيل طبقن جي ??دد ۽ ملڪ جي خوشحال بڻائڻ لاءِ نوجوانن جو ڪردار اڻٽر آهي، ان موقعي تي پي ??ي آءِ يوٿ ونگ تعلقي ڊسڪه جي صدر نوجوانن کي بااختيار بڻائن ۽ کين مالي ق??ضن ۽ هنر جي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ??دمن کي ساراهيو. افنان علي ساهي وفاقي وزير کي پي ??ي آءِ يوٿ ونگ ڊسڪه جي ڪنوينشن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي.