اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مشهور شاعر، صحافي ۽ ڪالم نگار ڊاڪ??ر اجمل نيازي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نه رڳو تعليم جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون پر هو صحافت جهڙي عظيم شعبي سان لاڳاپيل رهيو، ڊاڪ??ر اجمل نيازي مرحوم اردو ۽ پنجابي شاعري سان گڏوگڏ 45 سال تائين ادب جي خدمتن ۾ گذاريا، چوڌري فواد حسين چيو ته روزاني نواءِ وقت ۾ “بي نيازيان“ جي عنوان س??ن مرحوم اجمل نيازي جا ڪالم ماڻهن ۾ تمام گهڻا مقبول ٿيا، سندس لاڏاڻي سان صحافت جي شعبي، تعليم جي شعبي ۽ ادب جي ميدان ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن نه ڀرجي سگهجندو، وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پ??ئي??رن کي صبر جميل عطا فرمائي.