اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هاڻي پاڪستان جنگ ۾ نه امن ۾ حصيدار رهندو، پاڪستان آئنده به اف??انستان ۾ امن جي قيام لاءِ ڪوششون جاري رکندو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانين جون قربانيون، 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، دنيا کي ان جو اعتراف ڪرڻو پوندو، گڏيل قومن جي رپورٽ موجب 9 ملين اف??ان غربت جي هيٺين سطح کان به هيٺ آهن، ان تي دنيا کي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي،
هو گلوبل پيس چين جي اهتمام هيٺ ”افغانستان جي نئين سر تعمير تي گول ميز ڪانفرنس“ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جيڪو 4 ملين کان وڌيڪ اف??ان پناهگيرين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اف??انين جو وڏو تعداد هاڻي به پاڪستان ۾ موجود آهي، جڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ باهه لڳل هجي ته چڻنگ توهان جي گهر ۾ به ايندي آهي، پرامن اف??انستان ئي پرامن پاڪستان آهي، هن چيو ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي اف??ان تجارت، علاج سميت هر مشڪل ۾ پاڪستان ڏانهن ڏسندا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن، انهن جي فنانسنگ ڪندڙ ۽ انهن جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙي امن قائم ڪيو آهي،
هن چيو ته وزيراعظم عمران خان وزيراعظم بڻجڻ کان پهرين به اف??انستان مسئلي جي حل جي حوالي سان ڪليئر هو، هن سدائين اف??ان مسئلي جي سياسي حل ۽ ڳالهين تي زور ڏنو، قطر ۾ ط??لبان جي سياسي آفيس ٺهڻ کان پوءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏجي ويهڻ جو ??وق??و مليو ۽ معاملن ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي، ان مشڪل مرحلي ۾ جيڪڏهن دنيا اف??انستان کي اڪيلو ڇڏيو ته ان جا منفي نتيجا نڪرندا. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ جو رستو اف??انستان مان آهي، معاشي ترقي ۽ استحڪام به انهي ۾ آهي، هن چيو ته دوحا ڳالهين ۾ ٿيندڙ 4 ڳالهين تي عمل ضروري آهي، اف??انستان جي سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي.
افغانستان جي موجوده سياسي نظام ۾ انساني حقن جو خيال رکيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان اف??انستان مان نڪرڻ ۽ انساني امادد جي اف??انستان تائين پهچ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو ته پاڪستان هڪ ذميدار ۽ امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، هن چيو ته اف??انستان ۾ ط??لبان جي حڪومت آهي، دنيا کلي دل سان ان کي تسليم ڪري، اسان جي اها ئي ڪوشش رهي آهي ته اف??انستان ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي متفقه حڪومت هجي، ته جيئن اف??انستان ۾ خانه جنگي نه ٿئي ۽ گذريل 40 سالن کان اف??انستان ۾ عدم استحڪام جو خاتمو ٿي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي تازي خطاب ۾ به انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته دنيا اف??انستان کي پنهنجو ڪري، اتي جي ماڻهن جي مدد ڪري.