اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جو پاڻ ۾ دل جو رشتو آهي ٻئي ملڪ مذهب، تاريخ ۽ اخوت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، سعودي عرب سان اسان جا لاڳاپا پاڪستان جي ??زادي کان پهرين جا آهن، وزيراعظم عمران خان ۽ شهزاده محمد بن سلمان جي ??ريعي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو، پاڪستاني عوام جي ??ل م??ي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار ??ن سعودي عرب جي 91 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 1932ع ۾ سعودي عرب ۾ حجاز ۽ نجد کي گڏائي سعودي عرب جو قيام عمل ۾ آيو جنهن کي نه رڳو مڊل ايسٽ پر دنيا جي ??اريخ ۾ اهم مقام حاصل آهي، هن چيو ته شاهه عبدالعزيز 1902ع ۾ رياض ۽ 1903ع ۾ الحصه کي فتح ڪيو ۽ حجاز ۽ نجد کي هڪٻئي سان ڳنڍيو، اه??ي طرح آلسعود هڪ نئين مملڪت جو بنياد رکيو، ان جي ??اريخ حيران ڪندڙ ??هي ته ڪه??ي طريقي سان هنن سعودي عرب جو بنياد رکيو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا پاڪستان جي ??زادي کان پهرين جا آهن، 1940ع ۾ جڏهن شاهه عبدالعزيز پنهنجي پنجن ڀائرن سان گڏ ڪراچي آيو ته اسان جا سعودي عرب سان لاڳاپا هموار ??يا، هن چيو ته 1946ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار آيو ته سعودي عرب قائداعظم محمد علي جناح جي ??پيل تي 10 هزار برطانوي پائونڊ آل انڊيا مسلم ليگ کي عطيو ڪيا، 1946ع جي ??خر ۾ جڏهن آل انڊيا مسلم ليگ گڏيل قومن جي ??جلاس ۾ شرڪت لاءِ وئي ته ان جي وفد کي داخلا کان روڪيو ويو، ان وقت شاهه عبدالعزيز گڏيل قومن جي ??هديدارن جي ??عزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي وفد کي گهرايو ۽ اه??ي طرح گڏيل قومن ۾ داخلا جي ??اهه هموار ڪئي، هن چيو ته شاهه عبدالعزيز جو جهڙي قسم جو تعلق قائداعظم آل انڊيا مسلم ليگ سان هو اهو پاڪستان جي ??اريخ جو هڪ اهم حصو آهي، هن چيو ته 1960ع کانپوءِ پاڪستان جا سعودي عرب سان دفاعي لاڳاپا قائم ٿيا، انهن لاڳاپن جي هڪ پنهنجي ??اريخ آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ محمد بن سلمان جي ??ريعي لاڳاپن جو هڪ نئون سفر شروع ٿيو آهي، اميد آهي ته اهي لاڳاپا هڪ نئين رخ ۽ نئين منزل تي پهچندا. هن چيو ته وزيراعظم جي ??اص نمائيندي حافظ طاهر محمود اشرفي سعودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو سعودي عرب سان دل جو رشتو آهي، پاڪستان جي هر ماڻهو جي ??ل م??ي ۽ مديني سان گڏ ڌڙڪي ٿو ۽ انشاءُ الله اهي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.