اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? نجڪاري واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته هو شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضوري قدم کڻندي جناح ڪنوينشن سينٽر سميت ٻين ادار?? جي نجڪاري جي عمل کي مڪمل ڪري. وزيراعظم آفيس جي ??يڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خا?? نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو ملاقات ڪئي، وزيراعظم کي نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني لميٽيڊ، جناح ڪنوينشن سينٽر ۽ سروسز انٽرنيشنل هوٽل لاهور جي نجڪاري جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ غير ملڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ جاري روڊ شوز ( 13 – 21 سيپٽمبر) جي حوصلي واري نتيجن کان به آگاهه ڪي?? ويو. وزيراعظم شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي نجڪاري جي عمل کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي.