اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاڪستان جي روانگي واپار کي وڌائڻ جي قدمن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جولاءِ 2021ع ۾ 19.7 سيڪڙو اضافي سان روانگي واپار 2.3 بلين ڊالرز ?? ٽ??ڪس??ائيل روانگي واپار 1.49 بلين ڊالرز رڪارڊ ٿيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته روانگي واپار ۾ اضافو پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي ۾ پڻ اضافي جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي حڪومت ملي ته (ن) ليگ جي غلط پاليسين جي ڪري ٽ??ڪس??ائيل انڊسٽري کي تالا لڳل هئا، پاور لومز ڪٻاڙ جي اگهن ۾ وڪرو ٿي رهيون هيون ۽ اڄ ٽ??ڪس??ائيل انڊسٽري پنهنجي عروج تي آهي. هن چيو ته ٽ??ڪس??ائيل جي روانگي واپار ۾ رڳو جولاءِ 2021ع ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.