اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عراق سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ??ي ٿو، ٻئي ملڪ ??ڏي?? مذهب، ثقافت ۽ ??ڏي?? امنگون رکندڙ آهن، پاڪستان ۽ عراق کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيه?? وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان عراق جي خودمختياري، سياسي اتحاد ۽ علائقائي سلامتي جي ڀرپور حمايت ??ئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان عراق جي نئين سر تعمير ۾ هنرمند ۽ تربيت يافته ورڪ فورس سان گڏوگڏ ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن جي فراهمي ۾ پڻ مدد ڪري سگهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي ??ڏي?? فائدي جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن عراقي پرڏيه?? وزير کي چيو ته هو پاڪستاني زائرين کي ويزا ڏيڻ ۽ عراق ۾ مقدس جاين جي دوري دوران سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. صدر عراقي پرڏيه?? وزير کي اهو به ٻڌايو ته ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي ڀارت پاران بدترين ڏاڍ ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته اها ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ ڪشميرين کي ??ڏي?? قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏياري. ان موقعي تي عراقي پرڏيه?? وزير ڊاڪٽر فواد حسين چيو ته عراق پاڪستان کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ ??ڏي?? دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، ثقافت ۽ دفاع ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن صدر کي آگاهه ڪيو ته هن اسلام آباد ۾ عراقي سفارتخاني کي هدايت ??ئي آهي ته هو زائرين کي ويزا ۽ سفر ۾ سهولت فراهم ڪري. هن عراقي سفارتڪارن کي تربيت ??يڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا ۽ عراقي قيادت پاران پاڪستان جي عوام ۽ قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.